بروهي جوهر

بروهي جوهر

جوهر بروهي

جوهر بروهي: ’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم بروهي آهي، هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دوره تفسير جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي تعليم مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، هن مدرسه عربيه فريد آباد، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيه انور الرحمان دريا خان مري نواب شاهه مان ديني تعليم پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ”دعوه ڪورس“مڪمل ڪيو. ان دوران مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو تفسير پڙهيو ۽ تجويد ۾ استاد قاري محمد مدنيءَ وٽ تعليم پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريد آباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي. جوهر بروهي 1972ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. ان حوالي سان براهوي ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون براهوي شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو براهوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري براهوي قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو. جوهر بروهي پنهنجي قلم ذريعي براهوي قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي براهوي ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر بروهي ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، ان حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهي. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي ، ان کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ براهوي پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (براهوي شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (براهوي نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (براهوي شاعري: 1991ع)، (5) روشنائي (براهوي شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (براهوي شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) براهوي تخليقڪار اور سوانح (2000ع)، (14) امام العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي براهوي شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ جوهر بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.29  عيسوي

29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي ، تعلقي پني عاقل ، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت حسين ڊاڪٽر
جمشيد انصاري
امداد ڪانھيو
ڊنشا دستور
اياز سمون
ڄام جوڻو
برڪلي
خٽڪ خالد خان
سلطان گولڊن
اي بي آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون